خواجه نور الله

خواجه نور الله: خواجه نور الله بزرگ نقشبندي سلسلي جو بزرگ ۽ سنڌ جي ڪامل بزرگ قاضي احمدرحه جو پوٽو ۽ ميان محمد صالح رحه جو ننڍو فرزند هو. جيڪو خواجه عبدالواحد کان پوءِ قاضي احمد رحه جي درگاهه جو سجاده نشين ٿيو. هن ابتدائي تعليم قاضي احمد ۾ ورتي پوءِ پنهنجي معالج ۽ وڏي عالم مولانا محمد امين رتڙ مڪمل ڪئي. پنهنجي جدي پشتي مرشد لنواريءَ شريف جي سجاده نشين خواجه محمد حسن مهاجر مدنيرحه جي هٿ تي بيعت ڪئي، کانئس فيض حاصل ڪري، سلوڪ جون منزلون طئي ڪيون. خواجه صاحب گهڻو وقت عبادت ۾ گذاريندو هو. صبح جو اشراق کان پوءِ طالبن کي هدايت ۽ روحاني تربيت ڏيندو هو. مغرب نماز کانپوءِ عشاءَ نماز تائين خلوت ۽ مراقبي ۾ گذاريندو هو. خواجه صاحب هڪ ڏينهن پنهنجي لٺ (عصا) هٿ ۾ کڻي قاضي احمد شهر جي ٻاهران هڪ ليڪو ڪڍيو ۽ فرمايو ته الله تعاليٰ هن شهر کي هميشه لاءِ ٽن شين کان محفوظ رکندو. (1) درياهه جي ٻوڏ کان (2) باهه کان، جيڪا هڪ گهر کان ٻئي گهر تائين نه لڳندي (3) ۽ هن شهر ۾ ڪالرا جي بيماري ڪڏهن نه ايندي هن بزرگ جي نگاهه جو تاثير سان جيڪو سندس صحبت ۾ ايندو هو، سو سندس محبت جو اسير ٿي. هن بزرگ جي وفات
1295هه/1878ع ۾ ٿي ۽ قاضي احمد ۾ ئي اباڻي قبرستان ۾ دفن ٿيو. (سنڌ ڪي صوفيائي نقشبند حصه دوم).


لفظ خواجه نور اللهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو